اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي دادو ضلعي ۾ ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن ۽ زخمين جي امداد لاءِ و??اق?? حڪومت هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن ج??هن ته سانحي جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ضلعي انتظاميا کي متاثرين جي بحالي تائين هر ممڪن امداد فراهم رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چ??و ته سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن جي ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي. هن هدايت ڪئي ته زخمين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. وزيراعظم شروعاتي رپورٽ کانپوءِ باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪرڻ جي مڪمل جاچ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا اهڙن قدمن کي ي??ين?? بڻائي ته مستقبل ۾ اهڙو ڪو واقعو سانحي جي شڪل اختيار ڪري سگهي ۽ تفصيلي رپورٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي خبر پوڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
وزيراعظم جي هدايت تي ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه واقعي جي متاثرين لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا جاري
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش