اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ت??جيح آهي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر ??اش??ي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز تي اڳڀرائي ۽ ٻاهرئين سيڙپ??ار?? جي گهري دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي شعبي جو روانگي واپار وڌائڻ حڪومت جي اولين ت??جيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ افرادي قوت ۽ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز تي ڪم تيزي سان جاري آهي جتي ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز کي جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ٻاهرئين سيڙپ??ار?? سان نه رڳو ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ممڪن ٿي سگهندي پر قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ به ممڪن ٿيندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان ضروري قدم جلد کڻڻ ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.
ٽيڪنالاجي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن