اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته اسان ڪشمير جي لاءِ چار جنگيون وڙهيون آهن، ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪنهن قوم جي الحاق جي لاءِ اهڙيون ڪوششون ڪڏهن نه ٿيون جهڙي طرح هاڻي ٿي رهيون آهن، ڀارت جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين جي حقن جي پائمالي ڪري رهي آهي، پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو، پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ رهندو. ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڪشمير استحصال ڏهاڙي ريلي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو ته ڪشميري عو??م اسان جي جسم جو حصو آهن، اسان جي دل ڪشميري عو??م سان گڏ ۽ انهن جي دل اسان سان گڏ ??ڙڪي ٿي، ڪشميرين سان اسان جا رشتا، ناطا آهن ۽ اهي اسان جي خاندان جو حصو آهن، اسان ڪشميرين جي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، اسان ڪشمير جي لاءِ پنهنجو تن من ڌن لڳائي چڪا آهيون. هن ??يو ته اڄ اسان والاريل ڪشمير جي عو??م کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي طاقت انهن جي پٺيان بيٺل آهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته ڀارت جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين جا حق پائمال ڪري رهي آهي. هن ??يو ته آر ايس ايس جو نظريو ڀارت ۾ هن وقت غالب اچي چڪو آهي، ڀارت ڄاڻي وٺي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميري قوم جو حق نه ٿو کسي سگهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو، پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ رهندو. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ ??شميري عو??م سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پرڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين ريلي جي قيادت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اڄ صدر، پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ميمبر ۽ عو??م هن ريلي ۾ ڪشميري عو??م کي اهو ٻڌائڻ لاءِ موجود آهي ته اسان توهان جي پٺيان بيٺل آهيون. هن ??يو ته ڪشمير جي آزادي ۽ ڪشميري عو??م جا حق اسان جي لاءِ اسان جي جانين کان به وڌيڪ اهم آهن. اسان جي معيشت، پرڏيهي پاليسي ڪشمير جي ??وگرد ٺهي آهي ۽ انهي جذبي کي اڄ به اڳتي کڻي هلي رهيا آهيون. هن ??يو ته ڪشميري عو??م کي يقين هجڻ گهرجي ته دنيا جي پنجين وڏي قوم انهن جي پٺيان بيٺل آهي ۽ انهن جي آزادي جي لاءِ آخري دم تائين وڙهندي. چوڌري فواد حسين ??يو ته 5 آگسٽ جي قدم کي قبول ڪرڻ جي حوالي سان ڀارت جي خوش فهمي جلد ختم ٿي ويندي.
اسان ڪشمير جي لاءِ چار جنگيون وڙهيون آهن، پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری