اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ??هي ته نظام کي نقصان پهچائڻ جي خواهش رکندڙن کي شڪست ٿي آهي، مونکي خوشي ??هي ته مولانا فضل الرحمان سميت اسيمبلين جي ??عنت وجهندڙ اڄ انهن ئي اسيمبلين کان ووٽ گُهري رهيا آهن، ??واز شريف جي ??اسپورٽ جو مُدو اڱاري جي رات 12 وڳي ختم ٿي ويندو، جيڪڏهن هو درخواست ڏيندو ته پاڪستان واپسيءَ لاءِ 72 ڪلاڪن ۾ کيس ايمرجنسي ٽريلونگ ڊاڪيومينٽس جاري ڪنداسين. نواز شريف ۽ مريم نواز اي سي ايل تي آهن، ان لاءِ سندن پاسپورٽ جي تجديد نٿي ڪري سگهجي. سينيٽ اليڪشن ۾ ڪو سرپرائيز نه ٿيندو، عمران خان سرخرو ٿيندو، سينيٽ جي چونڊن کانپوءِ سياسي سڪون ۽ بهتري ٿيندي، اپوزيشن رمضان جو احترام ڪري ۽ لانگ مارچ رمضان کانپوءِ ڪري. گهرو وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته ويزا سيڪشن مان 50 آفيسرن کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ??هي جيڪو پنهنجي چارج نه ڇڏيندو ان کي فارغ ڪيو ويندو، 10 سالن جي ??اسپورٽ جي ??يس 4500 رپيا هوندي، 2 لک ماڻهن کي اِي ويزا ڏني ويندي، 4 هفتن ۾ ويزا جاري ڪئي ويندي، ايجنسيز کي 4 هفتن ۾ رپورٽ ڪليئر ڪري ڏيڻي پوندي. هن چيو ته نواز شريف جي ??اسپورٽ جو وڏو گوڙ آهي، سندس پاسپورٽ جو مُدو اڱاري واري رات جو 12 وڳي ختم ٿي ويندو. 20 آگسٽ 2018ع کان نواز شريف ۽ مريم نواز اي سي ايل تي آهن، ??يب جي ??دايتن تي سندن نالو اِي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي، ڪابينه پڻ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وِجهڻ جي ??نظوري ڏني، جنهن شخص جو نالو اي سي ايل ۾ هجي ان کي پاسپورٽ جاري نٿو ڪري سگهجي، نواز شريف جيڪڏهن وطن واپس اچڻ چاهي ت?? 72 ڪلاڪن ۾ کيس سندس درخواست تي پاڪستان اچڻ لاءِ ”اي ٽي ڊي“ جاري ڪري سگهجي ??و پر هو پاڪستان اچڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي ۽ سندس اعلان رڳو سياسي آهن، کيس ٻاهر وڃڻ جي جيڪا اجازت ملي هئي ت??هن جو هن غلط استعمال ڪيو هاڻي عدالت به کيس وطن واپس اچڻ جي ??دايت ڪئي آهي. هن چيو ته نواز شريف کي وطن واپس اچڻ کان نه پيو روڪيو وڃي ??و واپس اچڻ چاهي ت?? هاڻي درخواست ڏئي، کيس تفريحي دستاويز جاري ڪري ڇڏينداسين. گهرو وزير چيو ته مونکي خوشي ??هي ته مولانا فضل الرحمان سميت جيڪي اسيمبلين تي لعنت اُماڻيندا هئا اڄ انهن ئي اسيمبلين کان ووٽ گُهرندا پيا وتن، ??ظام کي ڊانواڊول ڪرڻ جي خواهش رکندڙن کي شڪست ٿي آهي.
سينيٽ چونڊن ۾ عمران خان سرخرو ٿيندو: شيخ رشيد احمد جي پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے