لاهور – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ايندڙ هفتي قوم کي خطاب ڪندو، جيڪڏهن ڀارت جنگ شروع ڪ??ي ته پاڪستان ان کي ختم ڪندو پر پاڪستان اڳرائي ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي نه ڪندو پر جيڪڏهن پاڪستان تي جنگ مڙهي و??ي ته ٻار ٻار پاڪ فوج سان گڏ بي??ي ان جنگ کي دهلي ۾ ختم ڪندو، وزيراعظم عمران ??ان سفارتي محاذ تي عالمي قيادت کي ڪشمير جي اصل مسئلي کان روشناس ڪيو آهي، هن ڪشمير ڪاز کي سپورٽ ڪرڻ جي لاءِ فوڪل گروپ جوڙيو آهي جيڪو پنهنجون ترجيحون طئي ڪري ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، وزيراعظم عمران ??ان عالمي برادري، عالمي تنظيمن، عالمي مبصرن کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي مائنڊ سيٽ طرف ڌيان ڇڪرائي رهيو آهي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي.
وزيراعظم ايندڙ هفتي قوم کي خطاب ڪندو: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ