نارووال – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ايندڙ عام چونڊن ۾ اڳ کان وڌيڪ سيٽون کڻي ڪامياب ٿيندي، جمهوريت کانسواءِ ??لڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، موجوده حڪومت بجلي ۽ گئس جي بحرانن کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر جا وڏا من??وبا مڪمل ڪيا، امن امان بحال ڪيو، اسان جو مقابلو انهن ماڻهن سان آهي جن وٽ پنهنجي حڪومت جي دور جي ڪو من??وبو عوام کي ٻڌائڻ لاءِ ??ه آه?? پر اسان جي من??وبن تي الزام بازي ۽ تنقيد جو سهارو آهي، م??رف ۽ زرداري جي 15 سالا دور ۾ ڪو وڏو من??وبو مڪل نه ٿيو، نواز شريف پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته (ن) ليگ ملڪ ۾ شرافت، عزت ۽ وقار جي سياست ڪري ٿي جيڪي پاڻ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن، اهي رڳو الزام لڳائين ٿا. هو نارووال ۾ 16 ارب رپين جي لاڳت سان نارووال کي سيالڪوٽ لاهور موٽروي سان ڳنڍڻ جي چئن ڦاڪن واري رستي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.
مسلم ليگ (ن) ايندڙ چونڊن ۾ پهرين کان وڌيڪ سيٽون کڻندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے