اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته منهنجي نااهلي ڪرپشن جي ڪري ناهي ٿي، توهان کي فخر هجڻ گهرجي ته توهان جي پارٽي سربراهه جو دامن صاف آهي، ڪو گهپلو يا خيانت ڪئي هجي ها ته پاڻ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان ها، ملڪ جي لاءِ ڪا به قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان، مون سان جيڪو سلوڪ ٿيو ان جي اميد نه ??ئي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي پاس??ار?? ٿيڻ گهرجي. پنجاب هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي ??طا?? ڪندي نواز شريف چيو ته قوم ڄاڻي ٿي ته اسان جي 70 سالا تاريخ ۾ وزيراعظمن سان ڇا ٿيندو رهيو آهي، مسلم ليگ (ن) جون حڪومتون ڪيترائي ڀيرا مختلف طريقن سان ڪيرايون ويون آهن پر عو??م انهن طريقن کي رد ڪري ڇڏيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر