تهران-16 جنوري (اي پي پي) ايران عراق ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽر کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو ??هي. رائٽرز مطابق ايران جي سرڪاري ميڊيا جي حوالي سان رپورٽ ڪيو ويو آهي ته ايراني پاسداران انقلاب فورس عراق جي نيم خودمختار علائقي ڪردستان ۾ اربيل ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽر تي حم??و ڪيو ??هي. پاسداران انقلاب هڪ بيان ۾ اسرائيل جي جاسوسي ايجنسي موساد جو نالو کڻي چيو آهي ته جاسوسي جي مرڪزن ۽ خط?? ۾ ??يران مخالف دهشتگرد گروهن کي اجتماعن کي تباهه ڪرڻ لاءِ بيلسٽڪ ميزائلن جو استعمال ڪيو ??هي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اربيل جي اتر اوڀر ۾ آمريڪي قونصل خاني ويجهو هڪ رهائشي علائق?? ۾ ??نهن حملن کان علاوه ايران ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙ فردن جن ۾ داعش جا ڪارڪن به شامل آهن، خلاف حملا شروع ڪيا آهن. هوڏانهن آمريڪا جي ٻن عهديدارن رائٽرز کي ٻُڌايو آهي ته ميزائل حملن سبب آمريڪي ٺڪاڻن متاثر ناهن ٿيا. ايران آمريڪا تي الزام لڳايو آهي ته هو غزه ۾ اسرائيل جي ڏوهن جي پٺڀرائي ڪري رهيو ??هي.
ايران جي پاسداران انقلاب طرفان ڪردستان ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽر تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر