گڏيل قومون- 28 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم عيدالا??حي?? جي پُرمسرت موقعي تي ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالا??حي?? جون مبارڪون ڏنيون آهن. ڪشميري ميڊيا سروس موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم آمريڪا ۾ اڄ اربع ڏينهن عيدالا??حي?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيد جي موقعي تي اسلام جي ناقابل تغير اصولن موجب انهن سمورن ماڻهن جي حمايت ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو وڃي جيڪي ڏاڍ، جنگ، وبا، استحصال ۽ پرڏيهي قبضي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته هي عيد ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ اسان جي بهادر ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي جيڪي پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رهيا آهن.هن چيو ته ا??و ته اسان هن عيد تي عالمي سطح تي بک کي ختم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ اڻبرابري، ناانصافي ۽ امتيازي سلوڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. هن سمورن مسلمانن کي عيدالا??حي?? جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
منير اڪرم طرفان ڪشميري عوام جي جدوجهد کي خراج تحسين، مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب