اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آه?? ته معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جوڙيل پاليسين ۽ محنت جا ثمر حاصل ٿي رهيا آه??، س??ورن اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري آئي، ناڻي واڌ ۽ مالي خسارو گهٽ ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو. وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس کي لنڊن کان وڊيولنڪ ذريعي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سندس موجوده حڪومت کي چوٿين بجيٽ تيار ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آه?? جيڪا 3 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته هو قوم جي ترقي، خوشحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آه??، 2013ع ۾ جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته معيشت جي صورتحال ڪمزور هئي، غيرمستحڪم مالي خساري، س??ڙپڪاري ۾ گهٽتائي ۽ توانائي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاليسيون جوڙيون ۽ انهن تي ايمانداري سان عملدرآمد ڪيو ۽ اڄ ٽن سالن کانپوءِ پنهنجي محنت جو ثمر حاصل ڪري رهيا آه??ون.
ملڪ لاءِ جوڙيل پاليسين ۽ محنت جا ثمر حاصل ٿي رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری