واشنگٽن -04 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي نئين مقرر سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي ميمبر ٽام سوزي سان ٽيليفون تي ڳا??هه ٻولهه ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مض??وط ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي پاڪستاني سفير کي آمريڪا ۾ ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. پاڪستاني سفير ٻنهي ملڪن ۽ خطي لاءِ پاڪ – امريڪا لاڳاپن ج?? اهميت تي زور ڀريو. پاڪستاني سفير ٻه طرفي شراڪتداري تي ڳا??هائيندي چيو ته اسان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مض??وط بڻائڻ لاءِ خيرسگالي ۽ دوستي جي ان جذبي کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن يوم آزادي جي موقعي تي ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي جي خيرسگالي ۽ سندس مقرري واري پيغام تي شڪريو ادا ڪيو. ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي ٻه طرفن لاڳاپن کي مض??وط بڻائڻ ۽ ملڪ لاءِ سندس خدمتن تي پاڪستاني برادري جي تعريف ڪئي. ڳا??هين دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي مض??وط بڻائڻ، عوامي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستاني ڪاڪس کي متحرڪ ۽ مض??وط بڻائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ جون ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي ميمبر ٽام سوزي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز