اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وز??ر شزه فاطمه خواجه سان انوويسٽا پرائيويٽ لميٽيڊ (ٽي ٽي ڪمپني) جي وفد جي ??ي اي او هشام سرور جي ??ڳواڻي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ٽي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي آءِ ٽي جي مهارتن سان ڳنڍڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد مملڪتي وز??ر کي انوويسٽا ڪمپني جي ورڪنگ ۽ مقصدن بابت بريف ڪيو. هن مملڪتي وز??ر شزه فاطمه کي آگاهه ڪيو ته انوويسٽا پرائيويٽ لميٽيڊ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو هڪ قدم آهي جيڪو وڏي پئماني تي آءِ ٽي اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرامن، ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري جي ??هولت ۽ انوويشن ذريعي قومي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ پنهنجو حصو وجهي رهي آهي. وفد چيو ته انوويسٽا ملڪ جي نوجوانن کي آءِ ٽي جي مهارتن سان ڳنڍڻ ۽ انهن جي ??رقي لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿو. مملڪتي وز??ر شزه فاطمه خواجه انوويسٽا جي ??ءِ ٽي جي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ ۽ مستقبل جي منصوبن کي ساراهيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي نوجوانن کي جديد ترين ڊجيٽل مهارت سان ڳنڍڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن اهي بهتر روزگار حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته اهو تمام ضروري آهي ته سموري ٽريننگ جي نتيجي ۾ تربيت يافته ماڻهن کي مارڪيٽ ۾ آساني س??ن روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهج??. ه?? چيو ته آءِ ٽي واري وزارت ملڪ جي نوجوانن کي آءِ ٽي جي مهارت سان ڳنڍڻ جي ڪوششن ۾ انوويسٽا کي مڪمل سپورٽ فراهم ڪندي.
حڪومت نوجوانن کي جديد ڊجيٽل مهارتن سان ليس ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea