اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته والدين جي سڃاڻپ کان محروم ٻارن جي حوالي سان نادرا ۾ پاليسي موجود آهي، ان پاليسي تحت انهن ٻارن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٿو، اهڙن ٻارن جي لاءِ شرط آهي ??ه انهن جو تعلق اهڙي يتيم خاني يا چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ سان هجي جيڪو نادرا سان رجسٽرڊ هجي. هو سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري جي قرارداد تي ڳالهائيندي رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته والدين کانسواءِ ٻارن جو جڏهن آءِ ڊي ڪارڊ ٺهي ٿو ته ولديت جي جڳهه رينڊملي نالو وڌو وڃي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن والدين کانسواءِ آءِ ڊي ڪار?? جاري ڪنداسين ??ه انهن سان امتيازي سلوڪ ٿيندو ۽ معاشري ۾ انهن جي لاءِ مشڪلاتون ٿينديون. هن چيو ??ه ان معاملي کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ بدران نادرا چيئرمين سان ميٽنگ ڪري وٺون. هن ٻڌايو ته موجوده پاليسي تحت 280 ٻارن کي اڳ ۾ ئي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، ان کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن مجهول النسب لکيو ويو يا بنا والدين جي آءِ ڊي ڪار?? جاري ڪيا ويا ??ه انهن ٻارن جي لاءِ معاشري ۾ جيئڻ مشڪل ٿي ويندو. هن چيو ته يتيم خانن ۽ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽس کي نادرا سان رجسٽرڊ هجڻ ضروري آهي ۽ اهڙن ٻارن جي سڃاڻپ جي لاءِ نادرا ۾ موثر نظام آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهڙن ٻارن جي رجسٽريشن ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ??ه اطلاعات واري وزارت ان حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير چيو ??ه اهو ڪم پاڪستان جي ليجنڊ مرحوم عبدالستار ايڌي شروع ڪيو هو ۽ ان کي سپريم ڪورٽ جو تحفظ پڻ حاصل آهي، جيڪڏهن سينيٽ جي پروٽيڪشن حاصل ٿي ويندي ??ه اهو وڌيڪ بهتر ٿي ويندو. هن چيو ??ه اهو ڏسڻو پوندو ??ه اهو نظام ڪيئن ٺهي سگهي ٿو جنهن ۾ ٻارن جو نقصان نه ٿئي ۽ اسان وڌ کان وڌ ٻارن کي ان طريقي سان رجسٽرڊ ڪري انهن کي آءِ ڊي ڪار?? جاري ڪري سگهون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ثمينه ممتاز زهري جي سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جا والدين نه آهن ته نادرا ڊي??ابيس جي اندر رينڊملي ڪو به نالو ولديت ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ ڊي??ابيس مان خبر پئجي وڃي ٿي ته هي ٻار ??هو آهي جنهن جي ولديت نه آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ??ه اسان جي ايوان جا اهڙا ميمبر به آهن جن اهڙا ٻار پاليا آهن ۽ انهن کي پنهنجي ٻارن کان وڌي ڪري پاليو آهي، زمين ڏني آهي، وراثت ۾ حق ڏنو آهي ۽ اهڙي طرح پاليو آهي جهڙي طرح پنهنجي ٻارن کي پالين ٿا، ??هو مثال اسان جي سامهون موجود آهي.
والدين جي سڃاڻپ کان محروم ٻارن جي حوالي سان نادرا ۾ پاليسي موجود آهي، ان پاليسي تحت انهن ٻارن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٿو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha