اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جديد ريلوي سان ايران، چين ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان واپاري راهداري ذريعي ڳنڍجي سگهجي ٿو، جڏهن ته گهٽ خرچ ۽ تيز ترين ڪارگو سروس يقيني بڻائڻ سان پاڻ ريلوي جو ادارو منافعي بخش بڻجي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريلوي جي موجوده ٽريڪ ۽ ان سان ڳنڍيل اهم معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ فوڪل گروپ جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ مواصلات، ريلوي، انڊسٽريز جي وفاقي سي??ريٽرين، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسر ن بريفنگ ڏني. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته چين ۽ روس پاڪستان ريلوي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ ۾ سي??پڪاري ڪري سگهن ٿا ۽ ريلوي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ قرض نه نجي شعبي کي سي??پڪاري جي آڇ ڪنداسين ته جيئن مالياتي بار وڌائڻ بدران اداري کي مستحڪم ڪري سگه??ي. ??فاقي وزير وڌيڪ چيو ته عارضي رليف نه اسان کي ريلوي جي بهتريءَ لاءِ لانگ ٽرم رٿابندي جي ضرورت آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ريلوي سسٽم جي اپ گريڊيشن لاءِ ٽرين ٽريڪ کي محفوظ، مضبوط ۽ تيز بڻائڻو پوندو. وفاقي وزير ريلوي کاتي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي وچ ۾ التوا معاملن کي تيزيءَ سان اُڪلائڻ جي هدايت ڪئي. فوڪل گروپ جي اجلاس ۾ مختلف کاتن جي سي??ريٽرين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن پڻ بريفنگ ڏني ۽ ريلوي کاتي جي بهتريءَ جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون.
پاڪستان جديد ريلوي سان ايران، چين ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان ڳنڍجي سگهجي ٿو: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha