اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ??لڪ?? جا نمائندا اسلام آباد پهچڻ ش??وع ٿي ويا آهن. پرڏيهي مهمانن جي آجيان لاءِ رنگ برنگي بتين، گلن ۽ ايس سي او ??لڪ?? جي جهنڊن ۽ بينرن شهر جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرينون اسلام آباد جي مرڪزي چؤڪن تي لڳايون ويون آهن. سڄي شهر جي اهم هنڌن کي رنگ برنگي بتين ۽ پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو آهي. چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزيراعظم لي چيانگ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ سومر ڏينهن گاديءَ واري هنڌ پهتو هو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ٻي اعليٰ ترين فورم ايس سي او سي ايڇ جي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان ڪندو. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ?? ۾ ??نگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ??لڪ?? جي سربراهن ۾ چين جو وزيراعظم ۽ اسٽيٽ ڪائونسل لي چيانگ، بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولوو چينڪو، قزخستان جو وزيراعظم اولز هاس بيڪتا نوف، ??وس جو وزيراعظم ميخائل ميشوسٽن، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده، ازبڪستان جو وزيراعظم عبدالله عاريفوف، ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينه جي چيئرمين ظفروف عقيل بيڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير سبرامنيم جئه شنڪر شامل آهن. ان کان علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور تي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن جي نمائندگي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسرايي ڪري رهيا آهن. ترڪمانستان جي مهمان طور خاص نمائندگي ترڪمن وزيرن جي ڪابينه جي نائب چيئرمين راشد مريدوف ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻين اهم شخصيت?? ۾ ??يس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزايوف، ??ورڊ آف ايس سي او بزنس ڪائونسل جو چيئرمين عاف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس سي او انٽر بئنڪ يونين جو چيئرمين مارات يلي بائوف شامل آهن. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ??لڪ?? جي حڪومتي نمائندن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعب?? ۾ ??اري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ??لڪ?? جا اڳواڻ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوريءَ لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندا.
شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وفد اسلام آباد پهچڻ شروع، پرڏيهي مهمانن جي آجيان لاءِ شهر کي سجايو ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی