پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي جو امن اسان جي تر??يحن ۽ اڄ جي جرڳي جي هڪ ئي ايجنڊا آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد جرڳي کي خطاب ڪندي هن ??يو ته اهو جرڳو منعقد ڪرڻ تي جتي صوبائي حڪومت جو آئون ٿورائتو آهيان اتي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي آمد تي سندس خصوصي طور ٿورو مڃيان ٿو. هن ??يو ته مان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جو به ٿورائتو آهيان جن اهو جرڳو منعقد ڪيو. هن ??يو ته اسان جا سياسي اختلاف م??جود آهن، هن خطي ۾ افغانستان جو مسئلو اسان جي آڏو آهي، جتي عالمي برادري ڳالهين سان مسئلي جي حل تي متفق ٿي. خيبر ضلعي جي حوالي سان هن ??يو ته اسان وٽ وقت گهٽ آهي ۽ اسان کي سڀني کي ڳالهين تي راضي ڪرڻو ۽ مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي جيڪي ماڻهو هن ملڪ جي آئين ۽ قانون کي تسليم ڪن ٿا انهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن ??يو ته ڪجهه مطالبا صوبائي حڪومت جا هوندا ڪجهه وفاقي حڪومت جا هوندا، هتي وڏو وزير ويٺو آهي ۽ گهرو وزير به ?? سياسي قيادت به اسان کي ان مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي، هن ??يو ته امن جي صورتحال خراب آهي، صوبي جا ڪيترائي علائقا اڄ به نوگو ايرياز آهن اسان سڀني کي متحد ٿي هن صوبي کي امن ڏيڻو پوندو.
اسان سڀني کي متحد ٿي هن صوبي کي امن ڏيڻو پوندو: گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار