اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق آءِ جي اسلام آباد کي قانوني طريقيڪار موجب گرفتار قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي پا??ليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سمورن گرفتار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. گذريل ڏينهن جي واقعي جي مڪمل جاچ عمل ۾ آ??دي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پا??لياماني پا??ٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن سان پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پا??ليامينٽ جي ميمبرن قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پا??ليامينٽ مان گرفتارين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسپيڪر کي گذارش ڪئي ته ان واقعي تي سخت ايڪشن ورتو وڃي. اسپيڪر ان معاملي کي سمورين پا??ٽين سان گڏجي حل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سمورين پا??ٽين اهڙن معاملن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع ضابطه ڪار بنائڻ تي به اتفاق ڪيو. اسپيڪر جو چوڻ هو ته ڪالهوڪو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، پا??ليامينٽ جا سمورا ميمبر منهنجي لاءِ انتهائي احترام جي قابل آهن، پا??ليامينٽ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري جا اطلاع انتهائي ڳڻتيءَ وارا آهن. هن چيو ته پا??ليامينٽ مان گرفتارين جي حوالي سان فوري ۽ مڪمل جاچ جو حڪم جاري ڪر?? ڇڏيو آهي. اسپيڪر آءِ جي اسلام آباد کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪر?? واقعي بابت ڄاڻ به حاصل ڪئي ۽ آءِ جي کي هدايت ڪئي ته قانوني طريقيڪار موجب سمورن گرفتار ميمبرن کي پا??ليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ گرفتار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اسپيڪر سان ملاقات ڪندڙن ۾ اعظم نذير تارڙ، عبدالعليم خان، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، طارق فضل چوڌري، نور عالم خان، شاندانه گلزار، خالد حسين مگسي، مذهبي معاملن وارو وزير چوڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، امجد علي خان، شاهده اختر علي، علي محمد خان، سني اتحاد ڪائونسل جو سربراهه صاحبزاده حامد رضا ۽ ٻيا شامل هئا.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران آءِ جي اسلام آباد کي گرفتار قومي اسيمبلي ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ