اسلام آباد-30 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي ۽ تر??ي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وفاقي اوڳاڙين جو 100 سيڪڙو قرضن جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي، ارڙهين تر??يم کانپوءِ علائقائي تر??ي صوبن جي ذميواري آهي، پر ان جي باوجود وفاقي حڪومت مختلف ضلعن ۾ صوبن سان گڏجي تر??ياتي پروگرام شروع ڪيا آهن، سکر –حيدرآباد موٽر وي منصوبي جي حوالي سان چين سان ڳالهيون جاري آهن جهڙي طرح به ممڪن ٿيو اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران آغا رفيع الله جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته بنا شڪ جي تر??ي جي حوالي سان ملڪ جي ??ختلف علائقن ۾ فرق ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته پي ايس ڊي پي جو ڳاڻيٽو 1400 ارب کان گهٽجي 1100 ارب تائين اچي ويو آهي، ممڪن آهي ان ۾ اڃان به گهٽتائي اچي ڇاڪاڻ ته وفاق جي اوڳاڙين جو 100 سيڪڙو قرضن ۾ هليو ويندو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڍانچاجاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، ارڙهين تر??يم کانپوءِ اسان جي تر??ي جون ضرورتون تبديل ٿي ويون آهن، وفاقي تر??ياتي بجيٽ جو ڳاڻيٽو گهٽجڻ باوجود وفاقي حڪومت ملڪ جي 20 ضلعن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي شراڪت سان تر??ياتي پروگرام شروع ڪيا آهن. آءِ ايم ايف سان فريم ورڪ سبب وزيراعظم عوام ت?? گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ چاهي ٿو، 2018ع ۾ صوبائي نوعيت جي ??نصوبن جو پي ايس ڊي پي ۾ ڳاڻيٽو 15 سيڪڙو هو جيڪو هاڻي 40 سيڪڙو تائين اچي ويو آهي، پر وفاقي حڪومت جي ??سيلن ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته بنيادي طور تي علائقائي تر??ي صوبن جي دائري ڪار ۾ اچي ٿي. ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي ضمني سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پي ايس ڊي پي جي ??رڇ صوبائي بنيادن تي ناهي ٿيندي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ بجلي جو ڪو منصوبو لڳي ٿو ته ان جو فائدو پوري ملڪ کي ٿئي ٿو،گذريل بجيٽ جي ??وقعي تي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ منصوبا رکيا ويا هئا، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي – حيدرآباد سپر هاءِ وي کي موٽر وي بڻايو ويو آهي پر اسان اهو سمجهون ٿا ته اهو ڪافي ناهي، چين جي ??دد سان ڪراچي – حيدرآباد نئين موٽر وي منصوبي جي ??زيبلٽي ٺاهي پئي وڃي. سکر – حيدرآباد موٽر وي منصوبو جيڪو اسان جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ ختم ڪيو ويو هو هاڻي ان منصوبي جي تڪميل لاءِ چين سان ڳالهين جو عمل جاري آهي. اعجاز جکراڻي جي سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته اسان کي تر??ي جي عمل کي وڌائڻ لاءِ نجي شعبي کي به حصيدار بڻائڻو پوندو. سکر – حيدرآباد موٽر وي منصوبي لاءِ اسان وٽ ٻئي آپشن موجود آهن آهن جيڪو بهتر لڳو ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ويندو.
وفاقي اوڳاڙين جو 100 سيڪڙو قرضن جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب