ڪوئيٽا – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ??لوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو. وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز ??گٽي جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ هنن امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪوئيٽا اچڻ تي صوبائي وزيرن اسفند يار ڪاڪڙ ۽ علي مدد جتڪ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ??ي آجيان ڪئي. آءِ جي پوليس بلوچستان، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري ۽ اعليٰ عملدار پڻ ايئرپورٽ تي موجود هئا. وزيراعليٰ هائوس اچڻ تي وڏي وزير سرفراز ??گٽي وفاقي گهرو وزير جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي ??اء?? کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير دهشتگردي جي تازن واقعن جي پرزور مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي ايصال ثواب ??اء?? دعا ڪئي. وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير شهيدن جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته هي جنگ هر پاڪستاني جي جنگ آهي. وفاقي گهرو وزير يقين ڏياريو ته بلوچستان ۾ امن جي ??اء?? وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز ??گٽي چيو ته امن امان يقيني بڻائڻ جي ??اء?? وڌيڪ قدم کڻي رهيا آهيون، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا عنصر تخريبي ڪاررواين ۾ ملوث آهن. بعد ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز ??گٽي ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ??ي صدارت ۾ خصوصي اجلاس ٿيو. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن بابت بريفنگ ڏني وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز ??ريف جي خصوصي هدايت تي اڄ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ اسان بلوچستان حڪومت ۽ عوام جي سپورٽ جي ??اء?? آيا آهيون. وفاقي حڪومت بلوچستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اجلاس ۾ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس، آءِ جي فرنٽيئر ڪور نارٿ، آءِ جي فرنٽيئر ڪور سائوٿ، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ، ڊي جي ليويز ۽ قانون لاڳوڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ ڪوئيٽا جو دورو
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے