اٽڪ – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ شهيد جي گهر ويو، پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي ايصال ثواب لاءِ دع?? ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ شهيد کي ملڪ جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر پونئيرن سان ڳالهائيندي چيو ته عزير محمود ملڪ شهيد خوارجي دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، پوري قوم کي پنهنجي بهادر شهيدن تي ??خر آهي، اهي بي مثال ??رب??نيون قوم کي جلا بخشين ٿيون. هن چيو ته دهشتگردي جي پاڙ کان خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر س??ڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دع?? ڪئي.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج