رياض – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف عالمي اق??صا??ي فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي رائل ايئرپورٽ ٽرمينل تي سعودي عرب جي اعليٰ عملدارن، پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف کي رخصت ڪيو. عالمي اق??صا??ي فورم جي موقعي تي وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود، ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجا??ر الصباح، ملائيشيا جي وزيراعظم انور اب??اهيم، سعودي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم جو اهو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن جي حوالي سان پڻ انتهائي اهميت رکندڙ هو.
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری