ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي س??ڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هڪ اهم ادا??و آهي، هي مختلف زبانن ۾ خبرون ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائي ٿو. اها ڳالهه هن پي بي س?? جي ڪراچي آفيس جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي س??ڪريٽري چيو ته ريڊيو پاڪستان جا مسئلا بشمول رهتن، پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جا مسئلا ۽ انهن جي حل جي لاءِ لاڳاپيل فورم تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن چيو ته حڪ??مت انهن ادارن کي مالي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ تي غور ڪري رهي آهي جن جا خرچ وڌيڪ آهن. ريڊيو پاڪستان تي بجلي جي يوٽيلٽي بلن جو بار به بحث هيٺ آهي ۽ ان مسئلي جي حل لاءِ پاور ڊويزن کي آن بورڊ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته اڳ ۾ پينشنرز پنهنجي پينشن جي دير سان ادائگي سبب متاثر ٿيندا هئا پر هاڻي پينشنرز کي انهن جي پينشن وقت سر ادا ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري س??ڪريٽري ريڊيو پاڪستان ۽ ان جي ملازمن جي بهتري جي لاءِ حڪ??مت پاران کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي جنهن ۾ سرڪاري اسڪيل کي اختيار ڪرڻ ۽ ٻيا شامل آهن. شاهيره شاهد چيو ته ريڊيو جي ٽرانسميٽرز کي پڻ بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن بنا رڪاوٽ ٽرانسميشن کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ اداري جي نشريات کي س??نٽرلائز ڪرڻ جي لاءِ روات، اسلام آباد ۾ هڪ سيٽ اپ قائم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ملازمن کي طبي س??ولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تنظيمي سطح تي پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ملڪيتن کي اداري جي بهتري ۽ ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي س??ڪريٽري شاهيره شاهد ڪالهه جمعي ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي س??) جي بيو??و آفيس ڪراچي جو پڻ دورو ڪيو، بيو??و آفيس جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ بيورو چيف اطلاعات واري وفاقي س??ڪريٽري کي بيورو جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي س??ڪريٽري پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي عمارت پهتي ۽ نيو براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر پي بي س??، پي آءِ ڊي جا سينيئر آفيسر، بيورو چيف اي پي پي ۽ آڊٽ بيو??و آف سرڪيوليشن جا آفيسر پڻ اطلاعات واري س??ڪريٽري سان گڏ هئا. بعد ۾ هن اي پي پي بيو??و آفيس جي مختلف سيڪشنز، اي بي س??، ريديو پاڪستان ۽ فشريز ڊپارٽمينٽ جي آفيسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل آفيسن جي آفيسرن اطلاعات واري س??ڪريٽري کي بريفنگ ڏني. ان کان اڳ اطلاعات واري س??ڪريٽري جو پي بي س?? بلڊنگ اچڻ تي ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ اي پي پي ۽ آڊٽ بيو??و آف سرڪيوليشن جي ٻين سينيئر آفيسرن شاندار استقبال ڪيو.
پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هڪ اهم ادارو آهي: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان