اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته قدرتي آفتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منه?? ڏيڻ ۽ ماڻهن جي ريسڪيو ۽ مدد جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ضروري آهي، امداد کي شفاف انداز ۾ ماڻهن تائين پهچايو وڃي، تازي طوفاني برساتن جي متاثرين کي ڪنهن به قيمت تي اڪيلو نٿو ڇڏي سگهجي، متاثرين جي مدد اسان جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن ?? اسٽيبلشمينٽ واري وفاقي وزير احد خان چي??ا، اين ڊي اي اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اين ڊي ايم اي پاران تازي طوفاني برساتن جي متاثرين جي مدد، قدرتي آفتن جي اڳواٽ اطلاع ۽ ريسڪيو امداد جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم تازي طوفاني برساتن جي متاثرين کي امداد جلد ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن اين ڊي ايم اي کي صوبن سان گڏجي جوائنٽ سروي جلد مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اين ڊي ايم اي قدرتي آفتن جي حوالي سان صوبن سان گڏ اڳتي تعاون وڌيڪ وڌائي. وزيراعظم پنهنجي گذريل حڪومت جي دور ۾ اين ڊي ايم اي کي پنهنجي فني صلاحيت وڌائڻ جي حوالي سان ڏنل هدايتن تي عملدرآمد تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چي?? ته تازي طوفاني برساتن جي متاثرين کي حڪومتي امداد جي فراهمي جلد مڪمل ڪئي وڃي، امداد کي شفاف انداز ۾ ماڻهن تائين پهچايو وڃي، گڏيل سروي مڪمل ڪري امداد صرف متاثر مستحقين کي ئي پهچائي وڃي. وزيراعظم چي?? ته قدرتي آفتن کي منه?? ڏيڻ ۽ ماڻهن جي ريسڪيو ۽ مدد جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ضروري آهي، تازي طوفاني برساتن جي متاثرين کي ڪنهن به قيمت تي اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهجي، متاثرين جي مدد اسان جي اولين ترجيح آهي. اجلاس کي تازي طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ نقصانن ۽ وفاقي حڪومت پاران امدادي ڪاررواين ۽ امدادي رقم جي ورڇ بابت ٻڌايو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اين ڊي اي اي صوبن خاص طور تي بلوچستان حڪومت سان مڪمل ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيل گهرن جي تصديق جي لاءِ جلد گڏيل سروي مڪمل ڪندي، اهو به ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي گوادر ۾ مجموعي طور تي 7 لک 66 هز??ر ڪلو خشڪ راشن 24 مارچ تائين ورڇ ٿيندو جنهن مان 3 لک 88 هز??ر ڪلو راشن 16 مارچ تائين ورهايو ويو آهي، ان کانسواءِ ڪوئيٽا ۽ دالبندين ۾ 97 هز??ر ڪلو خشڪ راشن ورهايو ويو آهي. اجلاس کي هلندڙ سال اپريل کان جون ۽ جولاءِ کان ڊسمبر جي موسمي اڳڪٿي ۽ اين ڊي ايم اي جي ان حوالي سان تياري بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي اين ڊي ايم اي پاران غزه جي متاثرين جي امداد جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر کان هيستائين غزه جي متاثرين جي لاءِ 320 ٽن امدادي سامان موڪليو ويو آهي. وزيراعظم قدرتي آفتن کي منه?? ڏيڻ جي حوالي سان اين ڊي ايم اي کي صوبن سان تعاون جي هدايت ڪئي.
قدرتي آفتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ ماڻهن جي ريسڪيو ۽ مدد جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری