اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??سا?? جي حڪومت سمورن علائقن ۽ خطن جي مقامي زبان، ادب ۽ ثقافت کي وڌيڪ فروغ ڏيندي، ڏکڻ پنجاب ۽ اتان جي ثقافت، فنون ۽ ادب جي ترقي سدائين اولين ترجيح رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سر??ئيڪي ڪلچر ۽ سر??ئيڪي اجرڪ ڊي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڏکڻ پنجاب ۽ اتان جي ثقافت، فنون ۽ ادب جي ترقي سدائين اولين ترجيح رهي آهي. ??سا?? جي حڪومت سمورن علائقن ۽ خطن جي مقامي زبان، ادب ۽ ثقافت کي وڌيڪ فروغ ڏيندي. وزيراعظم چيو ته سر??ئيڪي وسيب جا سمورا رنگ خوبصورت ۽ منفرد تهذيب ۽ تمدن جا امين آهن، ”سرائيڪي زبان ڏاڍي مٺي زبان آهي“. سر??ئيڪي زبان ڏکڻ پنجاب ئي نه، بلوچستان ۽ ڀارت ۾ پڻ ڳالهائي وڃي ٿي. هن چيو ته ادب، شاعري ۽ موسيقي ۾ سر??ئيڪي ۽ ان سان واڳيل اهل علم ۽ قلم جو وڏو حصو آهي. سر??ئيڪي ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن سنڌو درياءَ جي هزارين سال قديم تهذيب سان ڳنڍيل آهي. وزيراعظم چيو ته حضرت بهاءُ الدين ذڪريا، حضرت شاهه رڪن عالم، خواجه غلام فريد، محمد سلمان تونسوي، سخي سرور، شاهه شمس تبريز جهڙن ديني بزرگن ۽ صوفين سر??ئيڪي زبان جي شان وڌائي. پاڪستان جي هر خطي جي تهذيب ۽ ثقافت جي فروغ تي يقين رکون ٿا.
اسان جي حڪومت سمورن علائقن ۽ خطن جي مقامي زبان، ادب ۽ ثقافت کي وڌيڪ فروغ ڏيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش