اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان قنڌار جي گورنر ۽ افغانست??ن جي ملٽري انٽيلي جنس ۽ اسٽريٽجي جي نائب سربراهه حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پار??ن جاري بيان موجب هن گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن بشمول امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ عوام سان ع??ام جي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير افغانستان سان مسلسل رابطي ۽ گڏيل فائديمند لاڳاپن جي لاءِ پاڪست??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ع??ائقائي واپار ۽ رابطن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڳڻتي جي سمورن مسئل?? کي حل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. حاجي ملاشيرين چار ڏهاڪن کان لکين افغانين جي فراخدلاڻي حمايت تي پاڪستا?? کي ساراهيو ۽ ٻطرفن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطي ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان اڳ حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ افغان وفد پاڪستان افغانستان گڏيل رابطا ڪميٽي جي ڇهين اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. جي سي سي اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين ع??امي رابط?? کي فروغ ڏيڻ جي مقصد جي لاءِ سرحد پار چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ رابطاڪاري جي طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان قنڌار جي گورنر ۽ افغانستان جي ملٽري انٽيلي جنس ۽ اسٽريٽجي جي نائب سربراهه جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا