اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيش??ور??ڻي تربيت و??ري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي سکڻ هر مسلمان لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ۾ عربي ادب کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”ويهين صدي جي ٻي اڌ ۾ عرب ناول جا جديد رجحان“ جي موضوع تي علامه اقبال اوپن يون??ور??ٽي ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته علامه اقبال اوپن يون??ور??ٽي ۾ هي ڪانفرنس هڪ منفرد ۽ اهم ترين موضوع تي آهي جنهن کي منعقد ڪرڻ تي يون??ور??ٽي جي وائيس چانسلر ۽ پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. وفاقي وزير چيو ته هي ڪانفرنس وڏي اهميت و??ري آهي ۽ باقي ڪانفرنسن کان بلڪل منفرد آهي، جديد عربي ناول سان اسان جا ماڻهو اڻواقف آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي يون??ور??ٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود ڪانفرنس ۾ شرڪت تي تعليم واري وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته تعليم وارو وفاقي وزير پاڻ هڪ ڄاتل سڃاتل علمي شخصيت آهي، تحقيق ۽ علم جي ميدان ۾ سندس تعارف ڪنهن شيءَ جو محتاج ناهي. وائيس چانسلر چيو ته سڄي دنيا جا اسلامي اسڪالرز ان ڪانفرنس ۾ شريڪ آهن جيڪي پنهنجي تحقيقي مقالن ذريعي عرب معاشري جي حقيقي تصوير ڪشي ڪندا. ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته عرب جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي ۽ ان جي ٻولي تمام وسيع آهي جنهن سبب عرب معاشرو پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان جڙيل آهي. افتتاحي سيشن کي عالمي يون??ور??ٽي جي فيڪلٽي آف عربي ٻولي جي سينئر استاد، پروفيسر ڊاڪٽر حبيب الرحمان عاصم، اوپن يون??ور??ٽي جي فيڪلٽي آف عربي و علوم اسلاميه جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محي الدين ه??شمي، عربي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالمجيد بغدادي به خطاب ڪيو. پڄاڻي واري تقريب سڀاڻي 14 ڊسمبر تي منعقد ٿيندي جنهن ۾ ڪانفرنس ج??ن سفارشون پيش ڪيون وينديون. ڪانفرنس جو بندوبست يون??ور??ٽي جي عربي شعبي (ڪليه عربي و علوم اسلاميه) ??يو هو. هن ڪانفرنس ۾ عراق، سعودي عرب، مراڪش، مصر، اردن، ٿائيلينڊ، ملائيشيا، عمان، الجيريا، نائيجيريا ۽ شام جي 13 اسڪالرن فزيڪلي جڏهن ته 15 انٽرنيشنل اسڪالرز آن لائن شريڪ ٿيا.
عربي سکڻ هر مسلمان لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ۾ عربي ادب کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات