اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اتحادين جي تعاون کانسواءِ حڪومت ملڪي معيشت جي بحالي جو مشڪل ڪم ڪڏهن به اڪيلي نه ڪري سگهي ها. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اڳوڻي وزيراعظم ۽ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني ۽ قومي اسيمبلي ميمبر علي موسيٰ گيلاني سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪ??ي. ??لاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي. ??لاقات ۾ يوسف رضا گيلاني وزيراعظم کي ملڪ جي مشڪل وقت ۾ شاندار قيادت فراهم ڪرڻ ۽ ملڪي معاشي صورتحال ج?? بهتري تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ح??ومت جي هر فيصلي ۾ ساٿ ڏنو جنهن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. اتحادين جي تعاون کانسواءِ حڪومت ملڪي معيشت جي بحالي جو مشڪل ڪم ڪڏهن به اڪيلي نه ڪري سگهي ها.
اتحادين جي تعاون کانسواءِ حڪومت ملڪي معيشت جي بحالي جو مشڪل ڪم ڪڏهن به اڪيلي نه ڪري سگهي ها: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل