اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاء?? ا??هن کي هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن بابت پنهنجي روين کي بدلائ??و پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? صحت جي عالمي اداري ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد صحت جي عالمي اداري جي پاڪستان ۾ سربراهه ڊاڪٽر پاليٿا مهي پالا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر ۽ خاتون اول جي خصوصي ماڻهن، ڇاتيءَ جي ڪينس??، نفسياتي صحت ۽ صحت جي ٻين مسئلن تي ڪوششن کي ساراهيو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن جي سهولتن لاء?? ا??هن کي مددگار ٽيڪنالاجي ڏيڻ جي ضرورت آهي. بحالي ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي خدمتن کي پرا??مر?? ۽ ڪميونٽي سطح تي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪر??و پوندو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي اعليٰ معيار، محفوظ ۽ سستي بحالي جي خدمتن ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر صحت جي عالمي اداري جي بحالي 2030ع منصوبو شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي ۽ صحت جي عالمي اداري کي بحالي ليڊرشپ ڪورس ڪرائڻ تي ساراهيو.
معاشري جي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن بابت پنهنجي روين کي بدلائڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری