ڪراچي – 14 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي حوالي سان ڪراچي ايئرپورٽ جي بندش جون خبرون درست نه آهن. سول ايوي ايشن جي ترجمان مطابق خواب موسم جي اڳڪٿي جي صورت ۾ ايئرپورٽس تي ط??ي ٿيل ايس او پيز جي تحت حفاظتي قدم کيا ويندا آهن. ايئر پورٽس تي هوا جي رفتار ۽ موسم جي حوالي سان پائلٽس کي مسلسل باخبر رکڻ معمول جي ڳالهه آهي. غير معمولي حالتن ۾ پائلٽس زميني ۽ موسمي حقيقت کي ڏسندي ٽيڪ آف يا لينڊنگ لاءِ ويجهي موزون منزل جو فيصلو ڪندو آهي. ترجمان مطابق سول ايو ايشن ان حوالي سان ايئر لائنز ۽ پائلٽس کي پهرين ئي احتياظ ڪرڻ جو ??دا??ت نالو جاري ڪري چڪي آهي. خراب موسم ۾ ايئر لائنز طرفان شيڊ??لز ۾ خلل پهچي سگهي ٿو..
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر