اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه شروعاتي تعليم شخصيت جي تعمير ۽ ٻارن جي ڪيريئر جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان لرننگ ڪانفرنس بهترين عالمي طريقن موجب ٻارن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻار پنهنجي تعليمي سفر جي شروعاتي مرحلي ۾ سم??جي طرز عمل جي بنيادي اصولن ۽ قدرن کي اختيار ڪن ٿا. پاڪستان لرننگ ڪانفرنس 2023ع منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي ??هي ??نهن جو مقصد ٻارن کي عالمي طريقن موجب بااختيار بڻائڻ جي لاءِ بنياد فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ مختلف پس منظر سان تعلق رکندڙ اسڪالرز ۽ پاليسي سازن جي مختلف موقف کي ٻڌڻ جو تمام ??هڻ?? خواهشمند هو پر پيرس ۾ عالمي مالياتي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جي ڪري ??ئين نه ڪري ??گهندس جڏهن ته هو ڪانفرنس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو ۽ ٻارن جي لاءِ هڪ بهتر ۽ خوشگوار مستقبل جي تعمير جي لاءِ ان جي سفارشن جو منتظر آهي.
شروعاتي تعليم شخصيت جي تعمير ۽ ٻارن جي ڪيريئر جي لاءِ اهم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی