اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چشما پنج منصوبي سان 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي، اهو منصوبو صنعتن کي سستي بجلي ۽ عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ توانائي جي مڪس کي متنوع بڻائڻ جي لاءِ اسانجي تحفظ توانائي منصوبي جو ??صو آهي، هي اه?? منصوبو چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيداري ۾ هڪ نئين رخ جو ??ضافو ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چشما پنج تي معاهدي تي صحيحون ان منصوبي جي تعمير طرف هڪ وڏو قدم آهي جنهن سان سسٽم ۾ 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي شامل ٿيندي، اهو منصوبو صنعت کي سستي بجلي جي فراهمي ۽ عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي توانائي جي مڪس کي متنوع بڻائڻ جي لاءِ اسان جي انرجي سيڪيورٽي پلان جو ??صو آهي. هن چيو ته پاڪستان تي مسلسل اعتماد ۽ اسان جي ماڻهن جي خوشحال مستقبل جي لاءِ چيني قيادت جا ٿورا مڃون ٿا، هي منصوبو 3.48 ارب ڊالر جي چيني سيڙپڪاري سان تعمير ڪيو ويندو، 2017ع ۾ صحيحون ٿيڻ کانوءِ کان مهانگائي جي باوجود چائنا نيشنل نيوڪلي??ر ڪوآپريشن منصوبي جي لاڳت ۾ اضافو نه ڪيو پر هن منهنجي درخواست تي 750 ملين آر بي ايم (30 ارب رپيا) جي رعايت ڏني. هن چيو ته پاڪ – چين مضبوط ڀائيچارو وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي اه?? منصوبو ان گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيداري ۾ هڪ نئين رخ جو ??ضافو ڪندو.
چشما پنج منصوبي سان 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais