اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمرا?? خان پهريون آر ٽي ايس ساخته شخص آهي جنهن ملڪ سان دشمني ڪئي، اسان بهادري سان عمرا?? خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سياست جي حفاظت ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين، عمرا?? خان اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سميت اسان ڄمي بيٺل رهياسين ۽ سرخ??و ٿياسين ڇو ته عوام ۽ قيادت کي خبر هئي ته ??ڪ رپئي جي ??رپ??ن نه ڪئي، امانت سمجهي عوام جي خدمت ڪئي ۽ بهادري سان ڄميل رهياسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??احق سزا کائيندڙن ۽ چورن ۾ ڀيٽ ڪرڻ جو آئينو پيش آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جون تصويرون شيئر ڪندي چيو ته ??ي تصويرون جرئت، بهادري ۽ وفاداري جون ناقابل فراموش مثال آهن ۽ عمرا?? خان جي فسطائيت، بدترين سياسي انتقام ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جون واضح حقيقتون آهن. هن چيو ته ??سلم ليگ (ن) جي قيادت چار نسلن جو حساب ڏنو ۽ سرخ??و ٿي. هن چيو ته عمرا?? خان ۽ ان جي ڪابينا گرفتاري تي روئيندي، ڀڄندي، گدڙن وانگر لڪندي رهي، توهان کي ڇڏيندي پئي وڃي ڇو ته انهن کي خبر آهي ته توهان توشه خانه جا چور، ڪوڙا، فارن ا??جن??، القادر ٽرسٽ جي 60 ارب جا ڌاڙيل آهيو. مريم اورنگزيب چيو ته عمرا?? خان ۽ ان جي جٿن ملڪ تي لشڪرڪشيءَ ڪئي ۽ ڪرائي، اسان سان پنهنجي ڀيٽ نه ڪريو. مريم اورنگزيب چيو ته ??يب چيئرمين کي بليڪ ميل ۽ طيبه گل کي اغوا ڪري عمرا?? خان اسان جي خلاف 15 ڪلو هيروئن سميت بنا جاچ جي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ۽ جيلن ۾ وڌو. هن چيو ته عمرا?? خان ۽ ان جي هٿياربند جٿن تي قومي ۽ حساس عمارتن تي حملي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، ريڊيو پاڪستان، مسجدن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ايمبولينسز ساڙڻ جي ڏوهه جا ڪيس ٺهيا. وفاقي وزير چيو ته اسان جون ڌيئرون ڀينرون عمرا?? خان جي گهٽ ظرف وحشياڻي انتقام جو نشانو بڻيون، عمرا?? خان مريم نواز کي نواز شريف جي ڪمزوري سمجهي پيءُ جي سامهون گرفتار ڪيو ۽ موت جي سزا جي چڪي ۾ وڌو. هن چيو ته عمرا?? خان اسان بابت عدالتي فيصلا پڙهي ۽ شرم ڪري. مريم اورنگزيب چيو ته ??ي تصويرون توهان وانگر آرٽيفيشل انٽيلي جنس سان ٺاهيل تصويرون نه آهن پر توهان جي ڪاري دور جي بدترين فسطائيت جو واضح ثبوت آهن. جڏهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سميت مخالف ڌر بئنچز جون پهريون ٻه قطارون جيل ۾ هيون، پنجاب جي مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز کي جيل ۾ وڌو ڇو ته اهي توهان جي چوري، نااهلي ۽ عوام دشمني تي سوال اٿاريندا هئا. اطلاعات واري وفاقي وير چيو ته اهو فرق هوندو آهي حقيقي ۽ مصنوعي سياسي پارٽين ۽ قيادت ۾. اهو فرق هوندو آهي اصل سياسي پارٽي ۾ ۽ سياست جي لباس ۾ ويڙهيل هٿياربند جٿن ۾. هن چيو ته 75 سالا ملڪي تاريخ ۾ سياسي قائدين سياسي مخالفت ڪئي پر عمرا?? خان پهريون آر ٽي ايس ساخته شخص آهي جنهن ملڪ سان دشمني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمرا?? خان سياسي مخالفن، ميڊيا سان دشمني ڪئي ۽ سڀ کان وڌيڪ ناقابل معافي ڏوهه اهو آهي ته عمرا?? خان رياست سان دشمني ڪئي پر اسان بهادري سان عمرا?? خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سياست جي حفاظت ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) سميت ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون جن عمرا?? خان جي حڪومت جي دور ۾ جيلون ڪاٽيون.
اسان بهادري سان عمران خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سياست جي حفاظت ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II