اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري 4 ۽ 5 مئي تي ڀارت جي شهر گوا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏي??ي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي موجوده سربراهه ڀارت جي پرڏي??ي وزير ڊاڪٽر ايس جي شنڪر جي دعوت تي ايس سي ا?? جي پرڏي??ي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ اسان جي شرڪت شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر ۽ عمل جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ ان جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪا پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ خطي جي لاءِ ڏي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل سال جولاءِ ۾ تاشقند ۾ ٿيندڙ پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي آخري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي.
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha