ڪراچي -04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 46.3 ارب رپين ??ي لاڳت سان تيز برساتن/ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل 71 روڊن جي اوور هالنگ/ نئين ??ِر تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو ??ڃي. هن چيو ته ٽٽل روڊن جي اوور هالنگ خاص ڪري ننڍا روڊ جيڪي فارمن کي مارڪيٽ ۽ مختلف ڳوٺن کي مکيه شاهراهن سان ڳنڍيندا آهن اهي معيشت جي بحاليءَ ۽ عوام جي سهولت ۽ اچ وڃ جي لاءِ اهم آهن. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ورڪس وارو صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا ۽ چيف انجنيئر ??وڊ?? شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ??يو ته 23 ضلعن جا 71 روڊ جن جي ڪل ڊيگهه 1473.38 ڪلوميٽر آهي اهي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهن جن ۾ ڄامشورو ضلعي ۾ 157.7 ڪلوميٽر جا 6 ??وڊ?? دادو ۾ 149.27 ڪلوميٽر جا 5 ??وڊ?? شهيد بينظير آباد جا 106.6 ڪلوميٽر جا 3 ??وڊ?? نوشهروفيروز ۾ 137 ڪلوميٽر جا 9 ??وڊ?? حيدرآباد ۾ 20.4 ڪلوميٽر جا 2 ??وڊ?? ٽنڊوالهيار ۾ 93.8 ڪلوميٽر جا 6 ??وڊ?? ٽنڊو محمد خان ۾ 19 ڪلوميٽر جو هڪ ??وڊ?? ٺٽي ۾ 65 ڪلوميٽر جا 4 ??وڊ?? سجاول ۾ 55.5 ڪلوميٽر جا 2 ??وڊ?? بدين ۾ 71 ڪلوميٽر جو هڪ ??وڊ?? ميرپورخاص ۾ 80 ڪلوميٽر جا 2 ??وڊ?? عمرڪوٽ ۾ 20 ڪلوميٽر جو هڪ ??وڊ?? سانگهڙ ۾ 46 ڪلوميٽر جا 3 ??وڊ?? ٿرپارڪر ۾ 35 ڪلوميٽر جو هڪ ??وڊ?? سکر ۾ 58 ڪلوميٽرن جا 5 ??وڊ?? گهوٽڪي ۾ 9 ڪلوميٽر جو هڪ ??وڊ?? خيرپور ۾ 23 ڪلوميٽر جا 2 ??وڊ?? شڪارپور ۾ 67 ڪلوميٽر جا 3 ??وڊ?? جيڪب آباد ۾ 45.45 ڪلوميٽر جا 3 ??وڊ?? ڪشمور ۾ 52.29 ڪلوميٽر جا 3 ??وڊ?? لاڙڪاڻي ۾ 92.65 ڪلوميٽر جا 5 روڊ ۽ قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 67.2 ڪلوميٽر جا 3 روڊ شامل آهن. ورڪس واري وزير ضياءَ عباس شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته روڊن جي لاڳت جو ڪاٿو 46.32 ارب رپيا لڳايو ??يو آهي. سنڌ جي وڏي وزير اسڪيم جي منظوري ڏيندي چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد ڪم کي باقاعده فائنل ڪري ان تي عمل شروع ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) صوبي جي ڪجهه وڏن روڊن جي مرمت جي ڪم لاءِ مالي مدد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي جنهن لاءِ ضروري ڪاغذ مڪمل ڪيا پيا وڃن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 46.3 ارب رپين جي لاڳت سان تيز برساتن/ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل 71 روڊن جي اوور هالنگ/ نئين سِر تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا