اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي ??ور?? جي ذريعي سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي بنيادي سببن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن کي گڏيل طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??و آءِ سي مسلمان امت جو گڏيل آواز آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار او آءِ سي جده ۾ پاڪستان جي نامزد سفير/ مستقل نمائندي سيد محمد فواد شير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ??و آءِ سي سڄي دنيا ۾ مسلمان اقليتن جي بنيادي انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ موثر قدم کڻي. هن وڌيڪ چيو ته ??نيا کي ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خلاف وڌندڙ تشدد جي واقعن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هندوستاني هندوتوا نظرييي جي سڄي دنيا ۾ حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??و آءِ سي جي سمورن ڀائر مسلمان ميمبر ملڪن ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مثبت اڳڀرائي ۽ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ماڻهن تي ظلم بند ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا. صدر معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي تشدد ۽ غيرقانوني قدمن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ??هڙا قدم انساني قدرن، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف آهن. هن چيو ته ??يستائين فلسطين مسئلو حل نه ٿو ٿئي وچ اوڀر ۾ مستقل امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. صدر چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون ڪامسٽيڪ) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذريعي او آءِ سي ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنيڪي جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان علامه اقبال اوپن يوني??رس??ي ۽ ورچوئل يوني??رس??ي جي تعليمي ماڊيولز جي ذريعي ميمبر ملڪن کي آن لائين تعليم ۽ آءِ ٽي جون مهارتون پيش ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ??ٽڪل 8000 غيرملڪي شاگردن وچوئل يوني??رس??ي مان فائدو کڻي رهيا آهن ۽ تعليم جي شعبي ۾ اسلامي ملڪن سان وڌيڪ تعاون سان ان انگ ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. صدر نامزد سفير کي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
او آءِ سي مسلمان امت جو گڏيل آواز آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ