اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ??ارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قدم جي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اڄ جمعي ڏينهن استحصال ڏهاڙو ملهئيندو. حڪومت استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪش??يرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سيمينارز ۽ ڪانفرنسز سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي جڏهن ته ڪش??يرين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ هر طبقه فڪر جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. پوري قوم پنهنجي ڪش??يري ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندي ته پاڪستاني عوام انهن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ظلمن جي خلاف سدائين انهن سان ??ڏ بيٺل رهندي. لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪش??يري به 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرآئيني قدم جي مذمت جي لاءِ استحصال ڏهاڙو ملهائيندا. ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جا ڪارڪن ريلين ۽ ٻين سرگرمين ذريعي والاريل ڪش??ير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڀارتي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪش??يري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ ٻين پروگرامن جو پڻ اهتمام ڪنديون. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄايا ويندا. هڪ منٽ جي خاموشي جي فوري پوءِ ري??يو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز تي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جا قومي ترانا وڄايا ويندا. ٻئي طرف اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن جي اهم رستن تي ڪش??يرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪش??ير ۾ قابض فوج پاران ??يل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽرز ۽ بل بورڊز هنيا ويندا. 5 آگسٽ 2019ع تي مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو هو، ان قانون تحت ڪش??ير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.
پاڪستان اڄ جمعي ڏينهن استحصال ڏهاڙو ملهئيندو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو