اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت پاڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوان?? جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز، ڊي جي پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر ??نرل امجد حنيف، ڪمانڊر انجنيئر 12 ڪور برگيڊيئر خالد، پائليٽ ميجر ??ع??د، ڪو پائليٽ ميجر ??لحيٰ ۽ ڪريو چيف نائيڪ مدثر شهيد کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته وطن جا اهي فرزند قوم جو فخر آهن، جن پنهنجون جانيون ٻوڏ ۾ گهيريل پنهنجي هم وطنن جون جانيون بچائڻ جي لاءِ قربان ڪري ڇڏيون. وزيرا??ظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ سندس ساٿي انسانيت جي خدمت ۽ فرض جي ادائيگي جو روشن مثال بڻيا آهن. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي هڪ بهترين پروفيشنل فرض شناس ۽ قابل آفيسر هجڻ سان گڏوگڏ انتهائي ايماندار ۽ سٺو انسان هو. هن چيو ته سڄي قوم ان حادثي تي انتهائي ڏکويل آهي. اسان شهيد?? جي گهروارن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت ڪريون ٿا. سڄي قوم شهيد?? جي گهروار?? جي ڏک ۾ شريڪ آهي. الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهروارن کي صبر ۽ اجر ??ظيم عطا فرمائي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت پاڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے