ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان ماسڪو ۾ گرينڊ مسجد ۽ اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪيو. وفاقي وزير ۽ وفد سان ميمبر وزيراعظم ??ان گڏ هئا. وزيراعظم ??مران خان ۽ گرينڊ مفتي جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ??ن موقعي ت?? ڳالهائيندي چيو ته ان مسجد جو ڪم گهڻو وقت اڳ شروع ٿيو پر ان ک?? 2014ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته مون ک?? دوري دوران ٻڌايو ويو آ??ي ته روس ۾ 2 هزار مسجدون آهن. وزيراعظم چيو ته منهنجي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان اسلامو فوبيا جي حوالي سان ٺوس ۽ تفصيل?? ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته روسي صدر جو نبي ڪريم ﷺ جي حوالي سان محبت جو اظهار قابل تحسين ڳالهه آهي. هن چيو ته صدر سان ملاقات دوران مون چيو ته اسان ک?? ان صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ گهرجي. بدقسمتي سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان نفرتون پيدا ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ان حوالي سان پوري ڪوشش ڪندو ته اولهندي ملڪن ک?? اسلام جي حوالي سان آگاهي ڏي ۽ ٻڌائي ته اسلام جو دهشتگردي سان ڪو به واسطو نه آهي. هن چيو ته روس جي گرينڊ مسجد هڪ خوبصوت مسجد آهي.
روسي صدر سان اسلامو فوبيا جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، بدقسمتي سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان نفرتون پيدا ٿي رهيون آهن: وزيراعظم عمران خان پاران ماسڪو ۾ گرينڊ مسجد ۽ اسلامڪ سينٽر جي دوري جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا