اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، پاڪستان عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستان جون خدمتون ان امر جو عملي نمونو آهي گڏيل قومن جو ميمبر هئڻ جي باوجود هندستان جي ظلم، بربريت ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ع??لمي برادري کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻين ڪوششن کي ع??لمي برادري پاران ساراهيو پيو وڃي. عالمي امن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ هن وقت تائين پاڪ فوج جا 161 جوان شهيد ٿي چڪا آهن، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام عالمي امن جي قيام لاءِ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي نوجوانن کي سلام پيش ڪري ٿي، هن چيو ته خطي ۾ هندستان جي والاريل ڪشمير ۾ بدامني ۽ ظلم ڪنهن کي نظر نٿ?? اچي. هن چيو ته پرامن افغانستان ئي پرامن پاڪستان آهي، هن چيو اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز کي به سلام پيش ڪريون ٿا جنهن دائمي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هن چيو ته پاڪستان نه رڳو پنهنجي ڌرتي پر عالمي امن لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو.
پاڪستان امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، پاڪستان عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری