اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ته راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ سان ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌنديون، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ شهرين کي ع??لم?? معيار جون رهائشي سهولتون ميسر اينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي راوي سٽي تحت سيفائر- بي م??صو??ي ت?? اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2000 هزار ايڪڙ تي ٻڌل ان م??صو??ي مان حڪومت کي وصول ٿيندڙ روينيو ۽ آمدني جو ڪاٿو 25 ارب روپيا لڳايو ويو آهي، ان کانسواءِ م??صو??و مجموعي طور تي 150 ارب روپين جي معاشي سرگرمين کي جنم ڏيندو. راوي سٽي جا وڌيڪ 2 ذيلي منص??با جن ۾ زون 457 ۽ ايل پي – جزيرو شامل آهن، جلد سيڙپڪاري لاءِ ميسر هوندا. جنهن سان حڪومت کي ملندڙ روينيو ۽ آمدني جو ڪاٿو مجموعي طور تي 130 ارب روپيا لڳايو ويو آهي ۽ اهو گڏجي 750 کان 900 ارب روپين جي معاشي سرگرمين جو حصو بڻجندو اهڙي طرح سان راوي سٽي ت?? 15 هزار ايڪڙ تي شروع ٿيندڙ ڪم جي نتيجي ۾ هلندڙ سال ڊسمبر تائين مجموعي طور تي هزار ارب روپين جون معاشي سرگرميون ٿينديون جيڪي ملڪ ۾ روزگار جا بي شمار موقعا فراهم ڪنديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??از?? ئي ملڪ جي سڀني وڏين يونيورسٽين کان ان جي راوي سٽي ۾ ڪيمپس کولڻ جي سلسلي ۾ رابطا ڪيا ويا جنهن جا مثبت جواب اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ان کانسواءِ سوئيس ڪمپني ليونگ – اسٽون گرين – ٽيڪ سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جيڪي زون ٿري ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي سان ع??لم?? معيار جا فارم ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا. اهي قدم وڌندڙ ملڪي غذائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي کنيا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي م??صو??ي ۾ نوجوانن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ينگ ليڊرشپ پروگرام جاري ڪيو ويو جنهن سان هن وقت تائين 25 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن، هلندڙ سال جون کان نوجوانن جي پهرين کيپ باقاعده ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيندي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ان جي پهرين سب – فيز ۾ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مقامي ۽ ٻاهريان سيڙپڪار گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن، ان کانسواءِ ريلوي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اٿارٽي گڏجي ريلوي جي زمين تي تعميراتي م??صو??ي کي جاري ڪندو، جنهن سان ريلوي جي غير استعمال ٿيل زمين کي استعمال ۾ آندو ويندو.
راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ سان ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌنديون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا