اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشيءَ سان برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ وا??د خان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، ڪشمير مسئلي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. شاهه ??حمود قريشي برطانوي هائوس آف لارڊز جو ميمبر چونڊجڻ تي لارڊ وا??د خان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان برطانيه سان پنهنجن ٻه طرفن ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شاهه ??حمود قريشي چيو ته پاڪستانين جو وڏو انگ برطانيه ۾ ترسيل آهي جيڪو مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. لارڊ وا??د خان ڪورونا عالمي وبائي صورتحال سبب برطانيه ۽ يورپي ??لڪ?? ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي درپيش مسئلن کان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي ڀلائي ??سا?? جي حڪومت جي اهم ترجيحات ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي ??لڪ?? وچ ۾ ٻه طرفي سياسي، واپاري ۽ ڊگهي مُدي وارن ناتن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس