اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي هدايت تي حڪومت ميڊيا صنعت جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان ??ي پي اين ايس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبرن وڊيو لنڪ تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اي پي اين ايس جي سيڪريٽري جنرل سرمد علي، شهاب زبيري، مجيب الرحمان ??امي، قاضي اسد عا??د، نجم الدين شيخ، مشتاق احمد، فوزيه شاهين، ??حسن بلال، فيصل زاهد ملڪ، سيد هارون شاهه، نويد چوڌري، ممتاز اي طاهر ۽ ٻين ميمبرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اشتهار جي رهتن جي ادائگي ترجيحي بنيادن تي ڪئي پئي وڃي، ان مد ۾ 74 ڪروڙ رپيا ادا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور جي اشتها??ن جي مد ۾ اٽڪل 45 ڪروڙ رپين جي ادائگي ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته ??ور??نا جي ڪري پوري دنيا معاشي عدم استحڪام جو شڪار آهي، ان ??ا منفي اثر اسان ??ي معيشت تي به پيا، اسان ??ڀني کي گڏجي انهن مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته ميڊيا معاشري جو اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا نه رڳو عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري ٿي پر ان ??عبي سان هزارين خاندانن جو روزگار پڻ واڳيل آهي.
وزيراعظم جي هدايت تي حڪومت ميڊيا صنعت جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ