سيالڪوٽ – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان بدعنوان عنصرن جي ل??ءِ مذهب ڪارڊ استعمال ڪري رهيو آهي، گمراهه ٽولو عوام کي گمراهه ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو، وزيراعظم انهن کان ڦريل پئسو واپس ڪرائيندو ۽ قوم جي ترقي تي خرچ ڪندو، وزيراعظم عمران خان دنيا جو مقبول ترين اڳواڻ آهي، وزيراعظم جو مسلمان امت جي ل??ءِ ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي، مخالف ڪشمير مسئلي ۽ ميرپور ۾ زلزلي جي موقعي تي گونگا ٻوڙا بڻجي ويا، انهن مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ آواز نه اٿاريو، عمران خان ڪشميرين جو وڪيل، سفير ۽ ترجمان بڻجي مظلوم ڪشميرين کي حق ڏيارڻ جي ل??ءِ عالمي ضمير کي جنجهوڙيو. اهڙن خيال جو اظهار هن ڊهلم غازي ۾ سوئي گئس فراهمي جي افتتاحي تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی