اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي بابت منهنجو چين جو دورو انتهائي لاڀائتو ۽ وقتائتو رهيو، چين ڪشمير مسئلي تي سل??متي ڪائونسل ۾ مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي، چين هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪيو ته هو هر ڏکي وقت ۾ پ??ڪستان جو قابل اعتماد ساٿي آهي، چين سمجهي ٿو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تڪراري علائقو ۽ ان جو حل سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ئي لڪل آهي، چين جو چوڻ هو ته ڀارت هڪطرفا قدم کنيا آهن جنهن سان خطي ۾ امن ۽ سل??متي کي خطرا درپيش ٿي سگهن ٿا، اسان امن جا حامي آهيون ۽ جنگ کي خودڪشي جي برابر سمجهون ٿا، پر اسان دفاع جو پورو حق رکون ٿا، پرڏيهي وزارت ۾ والاريل ڪشمير جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چين جي دوري جي تفصيلن کان آگ??هه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی