اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ??ابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي اجلاس بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته هي ڪابينا جو ٻيو اجلاس هو، گذريل حڪومت جي دور ۾ ڪابينا جا اجلاس گهٽ ??يندا هئا پر موجوده حڪومت هڪ هفتي ۾ ٻه اجلاس ڪيا آ??ن. ??طلاعات واري وزير ڪابينا اجلاس جي فيصلن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته وفاقي ??ابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، نواز شريف آخري سال ۾ 51 ارب رپين جا صوابديدي فنڊز خرچ ڪيا، اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي اهڙي طرح بيدردي سان استعمال نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان اهو چوي ٿو ته جيڪڏهن اهڙي طرح اربين رپين جي غلط استعمال کي روڪيو وڃي ته ان جو به قومي ??اڻ?? کي فائدو ٿيندو.
وفاقي ڪابينا پاران صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي لاڳو
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس