اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قبائلي علائقن جي ت??مي?? ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو فاٽا جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي، فاٽا سڌارن جي عمل کي علائقي جي عوام جي خواهشن موجب پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. هن اها ڳالهه قبائلي علائقن جي مختلف ايجنسيز سان تعلق رکندڙ مسلم ل??گ (ن) جي صدرن، نائب صدرن جنرل سيڪريٽريز تي ٻڌل وفد سان ڳالهائيندي چئي ??نهن و??يراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت سيفران و??ري مملڪتي وزير غالب خان ڪر?? رهيو هو. ملاقات ۾ فاٽا سڌارن، قبائلي علائقن جي ت??مي?? ۽ ترقي ۽ علائقي جي لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قبائلي علائقن جي عوام جي ت??مي?? ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ