اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته مل?? جي ڊگهي خوشحالي لاءِ پائيدار ترقياتي ??دف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا ديامرڀاشا ڊيم لاءِ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ معاوضو اگهه ۽ افغان پناهگيرن با??ت پروف رجسٽريشن ڪارڊز ۽ ٽه ڌرئي معاهدي ۾ 31 مارچ 2017ع تائين توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو، وزيراعظم محمد نواز شريف ايس ڊي جيز پروگرام جي باري ۾ اجلاس جي دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان دنيا ۾ پهريون مل?? آهي جنهن قومي ترقياتي ايجنڊا جي حصي جي طور تي پارليامينٽ مان ايس ڊي جيز جي منطوري ورتي آهي، هن چيو ته ان پروگرام تحت گهٽ ترقي يافته علائقن تي خصوصي ڌيان ڏيندي بنيادي طور تي صحت ?? تعليم جي شعبن ۾ مل?? جي سمورن علائقن ۽ ماڻهن کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا.
خوشحالي لاءِ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج