نيويارڪ-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين ??ون??يل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ??جي??ل ڪرنسي جي استعمال جي حامي پال ايٽڪنز کي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي) جو سربراهه نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپٽو ڪرنسي انڊسٽري طرفان پال ايٽڪنز جي نامزدگي کي سٺو قدم قرار ڏنو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ??ون?? مهم دوران آمريڪا جي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي موجوده سربراهه گيري گينسلر کي عهدي تان هٽائڻ جو واعدو ڪيو هو ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي دور ۾ آمريڪا ۾ ??جي??ل ڪرنسي استعمال ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو هو. ڊونلڊ ٽرمپ پاران ان موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پال ايٽڪنز 2017ع کان ??جي??ل چيمبر آف ڪامرس جو شريڪ چيئرمين رهيو، اهو تسليم ڪري ٿو ته ??جي??ل اثاثا آمريڪا کي عظيم ملڪ بڻائڻ لاءِ تمام گهڻا اهم آهن. هڪ ٻي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ اڳوڻي سينيٽر ڪيلي لوفر کي سمال بزنس ايدمنسٽريشن جو سربراهه نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ??ون?? دوران ڪرپٽو ڪرنسي جي حامين طرفان ٽرمپ کي وڏي انگ ۾ عطيا فراهم ڪيا هئا. ڊونلڊ ٽرمپ جي ان قدم کانپوءِ ??جي??ل ڪرنسي ٻٽ ڪوائن جو ايشيائي ٽريڊ مارڪيٽ ۾ اگهه وڌي هڪ لک 2 هزار 700 ڊالر جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي، واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي 5 نومبر تي صدارتي ??ون??ن ۾ ڪاميابي کانپوءِ بٽ ڪوائن جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ئي نامزد ڪيل دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٺ جي جڳهه تي فلوريڊا جي گورنر ران ڊي سينٽيس کي پينٽاگون جي قيادت لاءِ نامزد ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، اها ڳالهه آمريڪا جي مشهور اخبار” وال اسٽريٽ جنرل “ پنهنجي رپورٽ ۾ چئي آهي. جڏهن ته وال اسٽريٽ جنرل جو اهو به چوڻ آهي ته اهو به ٿ?? سگهي ٿو ته ڊونلڊ ٽرمپ پيٽ هيگسيٺ جي جاءِ تي ڊي سينٽيس کي دفاع واري وزارت لاءِ نامزد ڪرڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪري ڇڏي.
ڊونلڊ ٽرمپ پاران پال ايٽڪنز سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جو سربراهه نامزد، دفاع واري نامزد وزير پيٽ هيگسيٺ جي تبديلي تي غور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ