گڏيل قومون _ 15 مئي (اي پي پي ) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ، رفع ۽ ٻين هنڌن تي اسرائيلي بمباري ۾ اضافو پريشان ڪندڙ ۽ متاثرن کي انساني بنيادن تي ام??اد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهي . ان علائقي جي پهرين سنگين صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي . اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتو نيو گوتريش جي نائب ترجمان فرحان حق گذريل ڏينهن م??ڊيا بريفنگ دوران چئي . هن چيو ته هڪ طرف اسرائيل جنگ رفع ۽ ٻين هنڌن تي بمباري ۾ مصروف آهي ۽ ٻئي پاسي غزه کان اسرائيل خلاف را??ٽ حملا به شهرين کي ام??اد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن . اسان کي شهرين جو احترام ۽ تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو . سيڪريٽري جنرل چيو ته غزه جي رهائشين لاءِ هاڻي ڪا به ج??هه محفوظ ناهي . هن ڌرين کان متاثرن تائين انساني بنيادن تي ام??اد جي رسائي لاءِ فوري جنگ بندي ۽ سمورن مغوين کي آزاد ڪرڻ سان گڏ رفع ڪراسنگ کي فوري ط??رتي کولڻ جي اپيل ڪئي .
غزه جي رهائشين لاءِ هاڻي ڪا به جڳهه محفوظ ناهي ، اسرائيلي بمباري امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهي :گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ