رياض-17 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته هن سال حج لاءِ اندرون ملڪ ۽ پرڏيهه مان ايندڙ حج جا خواهشمند ويڪسينيشن جو ڪورس مڪمل ڪرائين .اردو نيوز موجب وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج جي خواهشمندن لاءِ ضروري آهي ته صحت ايپ تي ويڪسينيشن سرٽيفيڪٽ کي اپ ڊيٽ رکن ج??هن ۾ ڪووڊ – 19 ايڊوانس جو هڪ ڊوز جڏهن ته انفلوئنزا ويڪسين ۽ گذريل 5 سالن دوران لڳل گردن ٽوڙ بخار جي ويڪسين جو اپ ڊيٽ ٿيل سرٽيفيڪيٽ هجڻ ضروري آهي. وزارت پرڏيهي مملڪت مان آيل حج جي خواهشمندن کي به هدايت ڪئي ته هو ويڪسينيش سرٽيفيڪيٽ جو خيال رکن ۽ حج درخواست ??ان گڏ جمع ڪرائين. صحت واري وزارت پنهنجي ويب سائيٽ تي معلوماتي لنڪ به جاري ڪيو آهي ج??هن ۾ اردو، انگلش ۽ ٻين ٻولين ۾ ضروري ويڪسينيشن جا سمورا تفصيل ۽ صحت جي معاملن جي حوالي ??ان ٻيون هدايتون وضاحت ??ان بيان ڪيون ويون آهن .
حج جا خواهشمند ويڪسينيشن ڪورس مڪمل ڪرائين: سعودي عرب جي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری